بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي

بيبي مُغلِي ۽ بيبي مُرڪي: اهي ٻئي ڄڻيون سنڌ جي سمي حاڪم، ڄام جوڻي جون نياڻيون هيون، جيڪي گجرات جي شاهي گهراڻي ۾ پرڻيل هيون. بيبي مغليءَ جو سڱ سلطان محمد گجرات جي واليءَ سان ٿيو ۽ بيبي مُرڪي، شاهه عالم سان پرڻائي وئي. بيبي مغليءَ مان سلطان محمد کي، رمضان مهيني 849هه/ 1445ع ۾، فتح خان نالي پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سلطان محمود بيڳڙي جي نالي سان گجرات جو بادشاهه ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو